SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تجربيت پسنديءَ جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تجربيت پسنديءَ جو نظريو

Empirical Theory

ايمپريڪل ٿيئري

سماجي توڙي فطري سائنس ۾ هي نظريو موجودات جي وضاحت يا انهن بابت اڳڪٿي خاص مشاهدن مان حاصل ٿيل نتيجن جي بنياد تي ڏئي ٿو. هن نظريي ۾ ڪنهن به ڀانئيي (Hypothesis) جي تصديق حقيقي دنيا ۾ ٿيل تجربن ۽ انهن مان مليل معلومات جي آڌار تي ٿئي ٿي، هن قسم جي نظرين جو بنياد ڪنهن به مُتحرڪ ذهن ۾ اُٿيل سوالن کي اطمينان بخشڻ جي لاءِ هوندو آهي، جيتوڻيڪ ان جي ابتڙ بين الاقوامي تعلقات ۾ ڪيترن ماهرن ان نظريي کي پاليسين جا بنياد بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور: وايوٽي - پي ۽ ايم ڪائوپي (Violti P and M Kouppi) پنهنجي ڪتاب ”بين الاقوامي تعلقات جي نظريي“ ۾ اهڙي ڪوشش ڪئي آهي، پر عملي طور سندن وضاحتن کي ڪا گهڻي پُٺڀرائي نه ملي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي تعلقات ۾ هر تجربو نئون رخ ۽ رويو کڻي اچي ٿو، جيڪو مختلف رياستن ۾ مختلف نظرين کي جنم ڏئي ٿو. هيءُ نظريو ٻڌائي ٿو، ته بين الاقوامي تعلقات ۾ اختيار ڪيل هر پاليسي رياست ۾ ٿيل مخصوص تجربن ۽ انهن منهجان مليل نتيجن تي ٻڌل هوندي آهي، تنهن ڪري هر رياست جي ترجيح مختلف ٿئي ٿي، هيءُ نظريو ڪيترن حوالن سان طاقت ۽ ”طاقت جي توازن“ وارن تصورن کي چٽو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.


Remember Me Also:

ڇانڊ

ث. مِينهَن جي ڇاٽَ ، ڇانٽَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal